اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چين جو ڀارت جي والاريل ڪش??ير جي باري ۾ موقف کي رد ڪرڻ اسان جي حق ۽ سچ جي اصولي موقف جي فتح آهي، وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪش??ير مسئلي کي جهڙي طرح اجاگر ڪيو آهي ان جو ما??ي ۾ مثال نٿو ملي، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جهاد اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، ڪشميرين کي اسان جي قومي بياني جي ضرورت آهي، بلاول ڀٽو ڪش??ير مسئلي تي ڀڙڪيون هڻڻ کان پاسو ڪري، پيپلزپارٽ?? سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي يقيني بڻائي، قوم نٿي چاهي ته اسان بدعنوان عنصرن سان ڪنهن قسم جو ٺاهه ڪريون، معاشي محاذ تي ڌاڙا لڳا ۽ چوريون ٿيون، اين آر او ناممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ عيد ملن پارٽي جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ۽ پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ پن??نج?? پيغام ۾ ڪيو.
چين جو ڀارت جي والاريل ڪشمير جي باري ۾ موقف کي رد ڪرڻ اسان جي حق ۽ سچ جي اصولي موقف جي فتح آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری