اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 2 ارب رپين جي رمضان پئڪيج، لا??ور دهلي ب?? سروس جي 2024ع تائين توسيع، ايوي ايشن پاليسي 2019ع، 10 رڪني پاڪستان گروبندڪ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ، اسلام آباد ۾ ڊگهين عمارتن تي لاڳو پابندي هٽائڻ، سياحت جي فروغ لاءِ پرڏيهين ک?? ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃڻ جي لاءِ اين او سي جي شرط ختم ڪرڻ، پي ٽي اي ٽي بورڊ ۾ ٻن ميمبرن جي مقرري ۽ واجد علي کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم آ??يس جي آڊيٽوريم ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لا??ور دهلي ب?? سروس ٻنه?? ملڪن جي جدا ٿيل خاندانن کي ڳنڍڻ ۽ غريبن جو هڪ معياري سفر جو ذريعو آهي، 17 فيبروري 1999ع ۾ لا??ور دهلي ب?? سروس شروع ٿي هئي ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ ان معاهدي جي تجديد ٿيندي هئي، 17 فيبروري 2019ع تي اهو معاهدو ختم ٿي ويو هو.
وفاقي ڪابينا 2 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: فواد حسين
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔