چنگ ڊائو – 10 جون (اي پي پي) صد?? ممنون حسين چيو آهي ته رابطن ۾ اضافي، گڏيل خوشحالي، واپار ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن ۾ اضافي ذريعي شنگهائي تعاون تنظيم جي ايجنڊا جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ ان سان ئي خطي ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صد?? ممنون حسي?? اهڙن خيالن جو اظهار چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي رياستي سربر??هن جي ڪائونسل جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪي??. ان ڪانفرنس ۾ تنظيم جي 8 مستقل ۽ مبصر ملڪن جي سربر??هن ۽ نمائندن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي حوالي سان ترجيحن جو ذڪر ڪندي صد?? چيو ته رابطن ۾ اضافي، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي، واپار ۽ عوامي رابطن ۾ اضافي جي صورت ۾ قدمن جي نتيجي ۾ خطي ۾ ڊگهي مدي وارن بنيادن تي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن