ڪراچي – 24 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي آپريشنل مشق رباط 2018ع ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي. مشق جي افتتاحي سيشن ۾ وائيس چيف آف نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت خصوصي مهمان هو. جاري ڪيل پڌرائي موجب رباط سيريز جي مشقن ۾ روايتي کان وٺي غيرروايتي تائين بدلجندڙ ڊگهي مدي وارن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي جنگي حڪمت عملين جي جاچ ۽ انهن جو عملي مظاهرو ڪ??و وڃي ٿو. مشق ۾ بحيره عرب جي ڪ??ڊڪ??ڇ ۾ پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جا گڏيل آپريشنز شامل هوندا. مشق جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وائيس چيف آف نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي جنگي تياري تي زور ڏنو ۽ چيو ته گڏيل جنگي مشقون جديد جنگي حڪمت عملي جو بنياد آهن جنهن سان ??لڪ جي دفاع لاءِ تربيت جا موقعا مل?? ٿا.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق