اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 77 هون يوم پاڪستان انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڏينهن جو آغاز فجر جي نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي ل??ءِ خصوصي دعائن سان ٿيو، وفاقي ??اد?? واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي ??اد?? وارن شهرن ۾ 21 ،21 توپن جي سلامي ڏني وئي. جڏه?? ته سمورين اهم سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، لاهور ۾ علامه اقبال رحه جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ٿي ۽ پاڪ فضائيه جي دستي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا، يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام ??وڪل جو اعلان ڪيو ويو هو، صدر ممنون حسين، وزيراعظم محمد نواز شريف يوم پاڪستان جي مناسبت سان خصوصي پيغام جاري ڪيا، جڏه?? ته قومي اخبارن 23 مارچ جي حوالي سان خصوصي ايڊيشن شايع ڪيا ۽ ريڊيو، ٽي وي تي خصوصي ??رو??رام ??شر ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن