اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقتصادي تعاون تن??يم جي ميمبر ملڪن خطي کي امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، اسان اجتماعي طور تي اڌ ارب کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پنهنجي خطي ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، هو اقتصادي تعاون تن??يم جي سيڪريٽري جنرل حليل ابراهيم ڪڪا سان گڏ اي سي او سر??راهه اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اقتصادي تعاون تن??يم جي ميمبر ملڪن پرامن خطي جي لاءِ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف اجتماعي ڪوششن جو به عزم ڪيو آهي، محمد نواز شريف چيو ته هي خطو سدائين ثقافتن ۽ تصورن جي مٽاسٽا جي لاءِ گذرگاهه رهيو آهي، هن چيو ته سر??راهه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن اي سي او جي گورننگ باڊيز کي هدايت ڪئي ته هو سر??راهه اجلاس جي موضوع ”خطي جي خوشحالي جي لاءِ رابطا“ کي نظر ۾ رکندي گهڻ رخي رابطن کي فروغ ڏين.
تنظيم جي ميمبر ملڪن امن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا