اسلام آباد ??? 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي قوت رکندڙ هڪ ذميدا?? ملڪ آهي، دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ب??ائڻ، ايٽمي عدم پکيڙ، ايٽمي سهولتن ۽ اسٽاڪ لاءِ جامع حفاظتي انتظامن جي حمايت ڪري ٿو تنهن هوندي به نيوڪليئر سپلائر گروپ ج?? سلسلي ۾ ڪنهن هڪ ملڪ کي پسنديده قرار ڏئي ٻين سان امتياز?? سلوڪ روا نه رکڻ گهرجي، عالمي برادري بشمول ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي ميمب?? ملڪن کي جارحيت ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هتي ايشيائي پارلياماني اسيمبلي جي اقتصادي ۽ پائيدار ترقي جي معاملن بابت ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ عام طور تي خطي ۽ خاص طور تي امن ۽ خوشحالي جي قيام لاءِ پرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا