سيئول _ 3 جنوري (اي پي پي ) ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ ??ول جي گرفتاري لاءِ لاڳاپيل اختياريون سندس رهائش گاهه ۾ داخل ٿي ويو آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق سي آئي او جا جاچ ڪندڙ ۽ اعليٰ پراسيڪيوٽرلي ڊائي هوان صد?? جي رهائش گاهه ۾ داخل ٿي ويا . جاچ ٽيم کي پهريان موجود فوجي اهلڪارن رهائش گاهه ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو هو پر بعد ۾ فوجي يونٽ کين اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏني هئي پر گهر اندر سيڪيورٽي سروس جا اهلڪار موجود هئا جيڪي يون سڪ ??ول جي صدر طور سندس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي رهيا آهن . ڪرپشن انويسٽيگيشن آفيس (سي آئي او ) چيو ته صدر يون سڪ ??ول جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن . صد?? جي وڪيل جو چوڻ آهي ته اهڙا وارنٽ جيڪي غير قانوني ۽ ناجائز هجن انهن تي عمل درآمد به غير قانوني آهي . صدر کي حراست ۾ وٺڻ جي عدال??ي حڪم بعد يون سڪ ??ول پاڻ کي گهر اندر محدود ڪري ڇڏيو آهي.
ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي گرفتاري لاءِ جاچ ٽيم رهائش گاهه ۾ داخل
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری