ريوڊي جنيرو-18 نومبر (اي پي پي) چين جو ??در شي جن پنگ برازيل جي هم منصب سيولولاڊي سلوا جي دعوت تي 19 ??ين جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ريوڊي جنيرو پهچي ويو. چيني ميڊيا مطابق سومر ڏينهن ريوڊي جنيرو پهچڻ تي ??در شي جن پنگ چيو ته چين ۽ برازيل سٺا دوست ۽ شراڪتدار آهن جيڪي گڏ گڏ اڳتي وڌي رهيا آهن. تازن سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار جا ثمر مليا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ عالمي سطح تي گلوبل انصاف جو آواز بلند ڪندي عالم?? امن ۽ ترقي لاءِ اهم خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته هلندڙ سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 ??ين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، اميد آهي ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتما??، سمورن شعبن ۾ ڏي وٺ ۽ سهڪار ۾ اضافو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina