گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشي جون ڪارروائ??ون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ بابت خبردار ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسطيني علائقن ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسسڪا البانيز هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته اسرائيل طر??ان نسل ڪشي جون ڪارروائ??ون غزه ک??ن اڳتي وڌي والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسرائيل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته جيڪي کين هڪ قومي گروهه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪي?? ته اها اسرائيل طر??ان فلسطينين جي نسل ڪشي کي فوري طور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسطيني علائقن م??ن اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طر??ان فلسطينين جي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪي??. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل طر??ان پرتشدد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش