اسلام آباد-12 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي،ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي و??ير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي، نئين نسل کي اقبال جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بنيادي ۽ اعليٰ سطحي تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.اهڙو اظهار هن فڪر اقبال جي ترقياتي ويزن جي موضوع تي رٿيل مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 1999ع تائين معاشي لحاظ کان مستحڪم ملڪ هو، سياسي عدم استحڪام ۽ ترقي ۽ پ??لي??ي جو تسلسل نه هجڻ سبب اسان ٻين ملڪن جي ??يٽ ۾ پوئتي رهجي ويا آهن. اقبا?? جو تصور قوميت قيام پاڪستان جو سبب بڻيو.هن چيو ته اقبا?? جو فلسفو خودي اسان کي هڪ خودار، خودمختيار ۽ معاشي لحاظ کان مستحڪم ملڪ جي صورت ۾ پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو. اقبال ڪو صوفي ۽ مذهبي شاعر ۽ فلسفي نه هو، سندس انقلابي شاعري روشن خيال ۽ ترقي پسند معاشري جي قيام جي حامي آهي. هن چيو ته اقبا?? جو فڪر ماٺار بدران تحرڪ جو رستو اختيار ڪرڻ طرف رهنمائي ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ترقي جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي، نئين نسل کي اقبال جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ لاءِ بنيادي ۽ اعليٰ سطح تائين تعليمي نصاب کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ملڪي ترقي لاءِ علامه اقبال جي ترقي جي ويزن کي سمجهڻ ضروري آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ