دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا موجود آهن، ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وز??راعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. اها ڳالهه هن قطر جي ثقافت واري وز??ر عبدالرحمان بن حماد الثاني جي خصوصي دعوت تي فارج ??لفن فيسٽيول ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر قطر جي ثقافت واري وزارت ۽ ثقافت واري وز??ر عبدالرحمان بن حماد الثاني کي فيسٽيول جي لاءِ بهترين انتظامن تي مبارڪباد ڏني. فيسٽيول جي موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ جي تاجڪستان جي ثقافت واري وز??ر Matlubakhon Sattoriyen ۽ عراق جي ثقافت واري وز??ر ڊاڪٽر احمد الفلق ال بدراني سان ملاقات به ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته قطر جي ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي محنت هڪ اعزاز آهي. فارج ??لفن جهڙا ايونٽس ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت جو اظهار آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رابطا موجود آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ثقافتي رشتن کي مضبوط بڻائڻ وز??راعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهڙا ئي ايونٽس قوم کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ، گڏيل احترام کي وڌائڻ ۽ گڏيل ورثي جي مٽاسٽا ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن عالمي سطح تي فن جي منظرنامي جي لاءِ روايتي ۽ جديد قطري فن پيش ڪرڻ ۾ فارج ??لفن فيسٽيول پيش ڪندڙن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ثقافت ۽ قومي ورثي واري وزارت ثقافتي تعاون جي فروغ جهڙن قدمن جي حمايت ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي ۽ ثقافتي مٽاسٽا وڌيڪ گهري ٿيندي. واضح رهي ته تازو ئي پاڪستان ۽ قطر ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. ان معاهدي تح?? 132 فن پارن کي قطر موڪليو ويو آهي ته جيئن انهن کي ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچ?? پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ تحت قطر ميوزيم ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. فارج ??لفن فيسٽيول 31 آڪٽوبر کان 6 نومبر تائين جاري رهندو. فيسٽيول ۾ قطر جي هر نموني جي جديد فن کي پيش ڪيو پيو وڃي. فارج ??لفن فيسٽيول فنڪارن، تخليقڪارن ۽ ثقافت سان محبت ڪندڙن جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ان فيسٽيول ۾ سڄي خطي بشمول سڄي دنيا مان فنڪارن کي ورڪشاپ ۽ سيمينارز ۾ شرڪت جي لاءِ گهرايو ويو آهي.
پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا موجود آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک