لاهور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته رواداري، گڏ??ل احترام ۽ هر طرح جي بنا فرق انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، سمورن مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن نظرين موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي آهي، اسان اق??يتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اق??يتن جي قومي ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته اق??يتن جي قومي ڏي??هن جي موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اق??يتن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي شاندار ڪردار تي کين خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، وزيراعظم چيو ته سرڪاري سطح تي اق??يتن جو قومي ڏي??هن ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ اق??يتن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي پاڪستان جي رياست لاءِ خدمتن جو اعتراف آهي، اسان جي اق??يتي برادري تحريڪ پاڪستان ۾ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين وطن جي تعمير ۾ ڀرپور حصو وجهي رهي آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح اق??يتن جي حقن جي حوالي سان 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ هڪ تاريخي تقرير ۾ اق??لتن لاءِ مڪمل مذهبي آزادي جو اعلان ڪيو هو. قائداعظم جي ويزن جي پيروي ڪندي اق??يتن جي خدمتن ۽ انهن جي سڃاڻپ جي اعتراف ۾ 11 آگسٽ تي اق??يتن جو قومي ڏي??هن ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان اق??يتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون ۽ اڄوڪي ڏي??هن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيون ٿا. پاڪستان حڪومت مذهبي اق??يت برادري جي فلاح و بهبود جي حوالي سان عملي قدم کڻي رهي آهي، اق??يتن لاءِ روزگار جي موقعن ۾ ميرٽ کان علاوه مخصوص سيٽون ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته اسان وٽ اق??يتن کي اڳتي وڌڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن. اق??يتي برادري جي سمورن ادارن ۾ نمائندگي کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيوته اڄوڪو ڏي??هن پاڪستان ۾ رهندڙ مذهبي اق??يتن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عزت ۽ احترام جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ سمورن اق??يتي برادرين لاءِ برابري جا حق آهن ۽ انهن جي مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. حڪومت پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ سمورين اق??يتي برادرين لاءِ برابري جا حق يقيني بڻائي رهي آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمان، سک، هندو، مسيحي، پارسين سميت سمورن مذهبن جا ماڻهو هن ملڪ جا آزاد شهري آهن، جن کي هڪ جهڙا حق ۽ پنهنجي نظرين مطابق زندگي گذارڻ جي پوري آزادي حاصل آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان حڪومت اق??يتي برادري جي فردن جي مختلف شعبن ۾ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، اق??يتي برادري پاڪستان جي دفاع ۾ به اڳيان اڳيان رهي آهي ۽ اق??يتي برادري جي ماڻهن جي ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجون جانيون به قربان ڪيون آهن. اڄ جو ڏي??هن حقيقت ۾ تجديد عهد جو ڏي??هن آهي، ته اق??يتي برادرين پنهنجي مثالي اتحاد کي برقرار رکندي بنا امتياز جي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته اق??يتن جي حقن جي پاسداري دين اسلام جي تعليم ۾ اهم ??يث??ت رکي ٿي، رواداري، گڏ??ل احترام ۽ هر طرح جي فرق کان سواءِ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح به سمورن اق??يتن کي هڪجهڙا حق ڏيڻ تي زور ڀريو. اق??يتن کي بنيادي حقن جي فراهمي ۽ انهن جي جان مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت اق??يتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. سمورن اق??يتن جي فلاح و بهبود لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. حڪومت سموري اق??يتي برادري جي بنيادي حقن جي تحفظ، عزت ۽ وقار، جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، سمورن اق??يتن جي مقدس ماڳن جي حفاظت، سار سنڀال، رنگ روغن حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏي??هن اسان کي اهو عهد ڪرڻ جو ڏي??هن آهي، ته وطن عزيز ۾ رهندڙ سمورن اق??يتن جي حقن جو احترام ڪيو ويندو. وزيراعظم هن اميد جو به اظهار ڪيو ته سموريون اق??يتون ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون. محمد شهباز شريف عالم سڳورن ۽ عوام تي زور ڀريو ته هو مختلف عقيدن جي ماڻهن وچ ۾ رواداري، برداشت ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏي??. ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سمورن ادارن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت مختلف مذهبن کي مڃيندڙن جي حقن جي پاسداري لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
رواداري، گڏيل احترام ۽ انساني حقن جو تحفظ اسلامي معاشري جي سڃاڻپ آهي، اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم شهباز شريف جو اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں