اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان عمان جي شهر مسقط ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي واقعي جي شديد مذمت ڪئ?? آهي، دهشتگردي جي واقعي ۾ 4 پاڪستانين سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان عمان جي شهر واديءَ ڪبير جي مسجد امام علي بن ابي طالب ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئ?? آهي، پاڪستان عمان کي جاچ ۽ دهشتگردن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي آڇ ڪئ?? آهي. ترجمان ٻڌايو ته 30 زخمي پاڪستاني مختلف اسپتالن ?? علاج هيٺ آهن. پاڪستان جي سفير عمران علي زخمين جي خي??يت معلوم ڪرڻ جي لاءِ مقامي اسپتالن جو دورو ڪيو. پاڪستاني سفير لاشن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي وطن واپسي جي لاءِ عماني عملدارن سان رابطي ۾ آهي. عمان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ هيلپ لائين قائم ڪئ?? وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر