اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ص??ار?? ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ريلويز جي موجوده مين لائين (ايم ايل ون) جي اپ گريڊيشن کي ان هدايت سان ٻيهر ترميم ٿيل دائره ڪار تي منظور ڪيو ويو ته منصوبي جو پهريون مرحلو ڪراچي کان ملتان تائين 929 ڪلوميٽر ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. ايڪنڪ فلڊ ريسپانس ايمرجنسي هائوسنگ پراجيڪٽ (فيز – 1) جي منصوبي جو جائزو وٺي ا?? ج?? منظوري ڏني جنهن کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان قرض جي ذريعي فنڊ ڪيو ويندو، ان منصوبي جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ کان متاثر 250000 کان وڌيڪ گهر?? ج?? ڪميونٽي جي قيادت ۾ نئين سر تع??ير جي ذريعي ٻوڏ متاثري?? ج?? مدد ڪرڻ آهي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پاڻي جي شعبي جي چئن منصوبن تي پڻ غور ڪيو ۽ انه?? ج?? منظوري ڏني جنهن ۾ پنجاب حڪومت جو ڍوچه ڊيم جي تع??ير (نظرثاني ٿيل) منصوبو شا??ل آهي. اهو منصوبو 35 ايم جي ڊيز پاڻي جي فراهمي جي ذريعي راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. پاڻي جي شعبي جي منظور ٿيل ٻين منصوبن ۾ گومل زم ملٽي پرپز پراجيڪٽ، منگلا ڊيم پراجيڪٽ ۽ گولين گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ شا??ل آهن. اجلاس ”انٽيگريٽيڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي ترقي“ جي پڻ منظوري ڏني، ان منصوبي ۾ طورخم، چمن ۽ واهگه ۾ جديد ترين سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس جي تع??ير ۽ ترقي، لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ، ڪنٽينرائزڊ ڪارگو جي ڊيجيٽل اينڊ ٽو اينڊ ٽريڪنگ وغيره شا??ل آهن. ايڪنڪ ڪراچي نيبرهڊ امپروومنٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏيندي ان تي عملدرآمد جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2024ع تائين 6 مهين?? ج?? واڌ ڪري ڇڏي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پاڪستان افغانستان بارڊر باديني تي بارڊر ٽرمينل جي تع??ير ۽ سيف الله ضلعي ۾ مرغه فقيرزئي کان خان ڊگر مين باديني روڊ تائين 40 ڪلوميٽر ڊگهي رستي جي اپ گريڊيش?? ج?? پڻ منظوري ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش