اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان ملاقات ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وزير واپار، ??اري وزير، ??جڪاري واري وزير ۽ مواصلات واري وزير کانسواءِ قوم?? غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مض??وط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فورمز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مض??وط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ازبڪستان جو پرڏيهي وزير صدر ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ڪندو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : گرم گرم