اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ت??ڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ت??ڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ عيدالفطر جي مبارڪباد ج?? مٽاسٽا ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ ت??ڪ عو??م جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد ج?? لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ ت??ريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهي بنيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۾ امن قائم ڪ??ڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم صدر اردوان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دع??ت ڏني. ان دوري سان اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ستون اجلاس پڻ منعقد ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي ويندا.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ