ڪراچي – 20 – فيبروري (اي پي پي) خاتون ا??ل بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار ??هي. اها ڳالهه هن بهبود گرلز ڪاليج اينڊ هايئر سيڪنڊري اسڪول جي اهتمام هيٺ بهبود ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ منعقد استادن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته استادن جي حوصلا افزائي تمام ضروري ??هي. خاتون ا??ل چيو ته استاد اسڪول جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل ??ي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا. ثمينه علوي چيو ته شاگردن جي بهتر تعليم ??ي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، تعليم جي فراهمي اهم آهي، اسان کي تعليم جي ذريعي تبديلي آڻڻ گهرجي، ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ هر هڪ جي ذميواري ??هي. هن ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون ا??ل چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي گهٽ شرح خواندگي جو چئلينج درپيش آهي، عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ??هي. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڇاتي??َ جي ڪينسر تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان. خاتون ا??ل چيو ته صدر تعليم تي ڪم ڪري رهيو ??هي. هن ا??سوس جو اظهار ڪندي چيو ته 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته باباءِ قوم پڻ ٻارڙين کي تعليم جي فراهمي جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو باصلاحيت آهن، تعليمي نظام تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان کي پنهنجي ٻارن جي قدرن ۽ ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بهبود کي خصوصي ماڻهن ??ي لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي.
معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea