اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??رتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر ??عديه عباسي ڪري رهي هئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ڪلب ۾ انتظامي سڌارن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سوال ڪيو ته اشرافيه کانسواءِ اڄ جو حبيب جالب، آرٽسٽ، فنڪار اسلام آباد ڪلب جي ميمبر شپ وٺي سگهي ٿو؟ اجلاس ۾ اسلام آباد ڪلب ۾ انتظامي سڌارن جي حوالي سان بريفنگ کانسواءِ ٻيا معاملا پڻ بحث ??يٺ آيا.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa