اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير کي پنج سال جي م??ي لاءِ ”غيرقانوني تنظيم“ قرار ڏيڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير ٻي ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي ڀارت غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ تحت هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ان تي پابندي کانپوءِ ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪالعدم ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 6 ٿي ويو آهي. بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جو بنياد ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني رکيو هو جنهن جو 2021ع ۾ ڊگهي نظربندي دوران لاڏاڻو ٿي ويو هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قابض عملدارن سندس ميت کي بي رحمي سان کسي ورتو ۽ ان جي ويجهي م??ئٽن کي سندس جنازي ۾ شرڪ?? جي اجازت نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي م??ڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي م??تحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀار?? جي ڪڌي مهم جو حصو آهي، اهي ڪارروايون جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن سميت انساني قانونن جي واضح ??لاف ورزي آهن. بيان موجب ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏني ويندڙ سمورين سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ گهرجي، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين جو احترام ڪ??ڻ گهرجي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪ??ڻ گهرجي.
پاڪستان پاران تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير کي پنج سال جي مدي لاءِ ”غيرقانوني تنظيم“ قرار ڏيڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria