اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سا?جنگل_کا_بادشاہ/123037.html">? تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوسنيا، تاجڪستان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل جي اعزازي ڪائونسل جنرلز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي فروغ ۾ اعزازي ڪائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سا?جنگل_کا_بادشاہ/123037.html">? تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان جي صنعت ۽ واپار وارن ايوانن سان رابطا وڌائين، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ??رو??ت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ