قاهره-27 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي گادي واري هنڌ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جمعي ڏينهن ڪشمير جو ڪارو ڏينهن م??هايو، ان م??قعي تي هڪ سيمينار به منعقد ڪيو ويو. سفارتخاني طرفان جمعي ڏينهن جاري بيان م??جب تقريب ۾ مصر جي تعليمي ماهرن، دانشورن، ميڊيا جي نمائندن، سول سوسائٽي، اهم شخصيتن ۽ الازهر يونيورسٽي جي شاگردن شرڪت ڪئي. ان م??قعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا پيغام به پڙهي ٻڌايا ويا.مهمان م??ررن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ذريعي ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ امنگن م??جب ٿيڻ گهرجي. مقررن ان ??ال??ه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڀارتي قابض فوج ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. مقررن ان ??ال??ه تي زور ڀريو ته ڪنهن به ملڪ کي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو حق ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي. مقررن ڪشمير جي آزادي پسندن کي سلام پيش ڪيو، تقريب ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام کي درپيش سنگين حالتن تي هڪ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان م??قعي تي پاڪستان جي سفير ساجد بلال چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن ڀارتي حڪومت کي ڄمون ڪشمير جي بهادر ماڻهن خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۽ ڏاڍ کي هوا ڏيڻ جي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي آهي. هن ڀارت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن غير قانوني قدمن کي واپس وٺي. سفير ساجد بلال ان ??ال??ه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي پنهنجي اڻٽٽ حمايت ۾ سدائين ثابت قدم رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين ڀارت جي وحشياڻي قبضي ما?? لکين ڪشميرين کي آزادي جو خواب سچو نٿو ٿي وڃي.
قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل