اسلام آباد -11 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران ??فا??ي وزير مدد علي سنڌي چيو آه??، ته نگران حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هو قومي نصابي سربراهه اجلاس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان اجلاس جو اهتمام تعليم واري نگران ??فا??ي وزارت، رٿابندي واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس ۾ سرڪاري، خانگي، غيرسرڪاري ۽ ترقياتي شعبن جي تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??فا??ي وزير مدد علي سنڌي ??فا?? جي ايڪن وچ ۾ هم آه??گي لاءِ اين سي سي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن پاڪستان جي قومي نصاب (اين سي پي) جي مڪمل ٿيل ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران ??فا??ي وزير نصابي سڌارن ۾ عالمي معيار کي اڳيان وڌائي قوم جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي مقصد کي برقرار رکڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي اسٽيڪ ه??لڊ??ز جي ڪردار جي پڻ واکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته چونڊ مضمونن جي هڪ رينج لاءِ نصاب جي معيار جي ترقي ۽ سڄي ملڪ ۾ فني تعليم کي هموار ڪرڻ جي حوالي سان قدم سڄي ملڪ جي اسٽيڪ ه??لڊ??ز سان گڏجي جاري رهندا. ان موقعي تي مختلف پينل مباحثن سان گڏوگڏ ماهرن طرفان نصابي سڌارن جي مختلف رخن تي پريزنٽيشن ڏني وئي. سربراهي اجلاس دوران نصابي سڌارن، نصابي ڪتابن، استادن ۽ شخصيتن تي چئن مختلف پينلز مباحثي ۾ حصو ورتو. ان شعبي ۾ ماهرن پاڪستان جي تعليمي منظرنامي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي تجربن ۽ قيمتي تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو. ڊائريڪٽر ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) سيڪريٽريٽ ڊاڪٽر مريم چغتائي پاڪستان جي قومي نصاب جي مختلف پهلوئن تي هڪ پريزنٽيشن ڏني.
موجوده نگران حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena