اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي) بل صحافين ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جو بل آهي، ان جي تياري ۾ پي ايف يو جي، سي پي اين اي، پي بي اي، ايمنڊ سميت سمورين ڌرين سان مشاورت ٿي، جنهن قانون ۾ ملازمن جي حقن جو تحفظ نه هجي، اهو قانون نامڪمل هوندو آهي، بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهن ان کي ڪارو قانون چيو، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جو اهي پنهنجي حق جي لاءِ اٿي بيٺا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي تياري ۾ پي ايف يو جي، سي پي اين اي، پي بي اي ۽ ايمنڊ سميت سمور??ون لاڳاپيل ڌر??ون مشاورت ۾ شامل رهيون، ان بل ۾ وڏي ت??ديلي اظهار راءِ بابت آرٽيڪل 19 ۽ مس انفارميشن، ڊس انفارميشن جي ت??ريف جي شموليت هئي، ترميمي بل ۾ پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا. هن چي?? ته مون ميڊيا ورڪرز ??ان گڏ مشڪلاتن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، ورڪنگ جرنلسٽس ۽ ميڊيا ورڪرز مشڪل حالتن ۾ پنهنجي ادارن جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. هن چي?? ته بدقسمتي سان پيمرا ترميمي بل کي ڪارو قانون چيو ويو جڏهن ته ان بل ۾ ورڪنگ جرنلسٽس ۽ ميڊيا ورڪرز ??ي ڀلائي لاءِ تاريخي ت??ميمون شامل ڪ??ون ويون، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن کي ان بل ۾ تحفظ فراهم ڪيو ويو، جيڪو ادارو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ??ون رهتون ٻن مهينن ۾ ادا نه ڪندو، ان کي پاڪستان حڪومت بزنس نه ڏيندي جڏهن ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ??ي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عملدرآمد ان بل ۾ يقيني بڻايو ويو آهي. هن چي?? ته نيوز پيپر ايمپلائيز جي لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود هو پر ميڊيا ورڪرز ??ي لاءِ اهڙو ڪو پليٽ فارم نه هو جتي انهن جي اپيل ٻڌي سگهجي. ان مقصد جي لاءِ پيمرا اٿارٽي ۾ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جو قيام شامل ڪيو ويو ۽ ان ۾ ميڊيا ورڪرز، صحافين ۽ مالڪن کي نمائندگي ڏني وئي ۽ ان جي فيصلي جي خلاف اپيل جو حق به ڏنو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته نيوز پيپر ايمپلائيز جي لاءِ آءِ ٽي اين اي ۾ هڪ قابل چيئرمين کي لڳايو ويو، آءِ ٽي اين اي گذريل 9 مهينن ۾ 14 ڪروڙ رپين جون سڌوسنئون ريڪور??ون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته صحافين جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ??ي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيو، ان کانسواءِ جيڪي صحافي ۽ ورڪنگ جرنلسٽس فرضن جي ادائيگي دوران فوت ٿي وڃن ٿا انهن جي لاءِ وزيراعظم خصوصي فنڊز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان فنڊ سان پونئيرن کي 40 لک رپيا ادا ڪري سگهبا. هن چي?? ته اسان ورڪنگ جرنلسٽس جي تڪليفن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، جنهن قانون ۾ ملازمن جي حقن جو تحفظ نه هجي اهو قانون نامڪمل هوندو آهي. هن چي?? ته وزيراعظم پيمرا چيئرمين جي مقرري جو اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ جي منظوري ڏني. هن چي?? ته سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيل ٻئي ت??ميمون بل جو حصو آهن. وفاقي وزير چي?? ته قانون ۾ بهتري جي لاءِ ترميمون ڪري سگهجن ٿيون، 2002ع ۽ 2023ع ۾ فرق آهي، گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي. هن چي?? ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ بل کي بنا پڙهڻ جي اعتراض اٿاريو ويو، بل جي خلاف ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي وئي، ڇا پيمرا چيئرمين کان اختيار وٺڻ ڪارو قانون آهي؟ هن چي?? ته ميڊيا ۽ صحافين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، اهي پنهنجي حقن جي لاءِ وڙهڻ ڄاڻين ٿا، مون بل واپس وٺي ڇڏيو هو، صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز ??ل جي افاديت کي سمجهندي ان جي حق ۾ اٿي بيٺا. هن چي?? ته سدائين تنقيد کي برداشت ڪيو آهي. وفاقي وزير چي?? ته قانونسازي جو عمل جاري رهڻ گهرجي، هن بل ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش هوندي ته ڪنداسين، هر سال پيمرا جي قانون ۾ ترميم ٿيڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چي?? ته اڳوڻي دور ۾ پارليامينٽ جو ميڊيا ڪارنر فاشسٽ ماڻهن بند ڪري رکيو هو، اسان پارليامينٽ جي ٻاهر پريس ڪانفرنسون ڪندا هئاسين. هن چي?? ته صحافين کي اهو ئي چونديس ته اهي اهڙي طرح پنهنجي حقن جي لاءِ متحد رهن.
پيمرا (ترميمي) بل صحافين ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جو بل آهي، ان جي تياري ۾ پي ايف يو جي، سي پي اين اي، پي بي اي، ايمنڊ سميت سمورين ڌرين سان مشاورت ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری