اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کي سياست يا اليڪشن ??ان ڳنڍڻ جي تاثر کي رد ڪندي چيو آ??ي، ته عمران خان کي حڪومت گرفتار ناهي ڪيو، ان جي گرفتاري جو اليڪشن يا سياست ??ان ڪو به تعلق ناهي، کيس توشه خانه مان چوريءَ تي عدالت مان سزا ملي، ڇا اليڪشن ??ان پهرين سڀني چورن جي سزا روڪي وڃي؟ عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو، ڪوڙ ڪڏهن به سچ ثابت ناهي ٿيندو، عدالتي فيصلو اچي چڪو آ??ي ۽ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪي?? ويو آ??ي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي مٿان لڳل ڪنهن به الزام جو جواب نه ڏئي رهيو هو، جڏهن به ان ??ان جواب گهري?? ويو ته هن ادارن تي حملي آور ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين هميشه مخالفن تي الزام لڳايا ۽ جڏهن پاڻ تي الزام لڳو ته جواب پيش نه ڪري سگهيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڏوهن جي جاچ هڪ سال ??ان جاري هئي، توشه خانه ڪيس ۾ 40 ??ان وڌيڪ پيشيون ٿيون، ??ڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين صرف 3 پيشين تي حاضر ٿيو. جوابدار کي صفائي جو پورو موقعو ڏن?? ويو، ڪيس ۾ سڀئي قانوني گهرجون پوريون ٿيون ۽ ٽرائل مڪمل ٿيڻ ??ان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو آ??ي، توشه خانه ڪيس م سندس چوري پڪڙي وئي، عمران خان توشه خان جا تحفه خريد ڪري بعد ۾ وڪرو ڪيا، ان جي گرفتاري جو سياست ??ان ڪو به تعلق ناهي، ان کي چوري تي عدالت مان سزا ٿي آهي، هن چيو ته عمران خان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ به ڪوڙ ڳالهايو، سائفر جي معاملي ۾ به ڪوڙ ڳالهايو، چونڊ گوشوارن ۾ به صحيح اثاثه ظاهر نه ڪيا، عمران خان فار بي ۽ ٽيڪس ريٽرنز 18-2017ع، 20-2019ع ۽ 21-2020ع جي ڊڪليئريشن ۾ 3 گهر ظاهر ڪيا ۽ بني گالا جو 300 ڪينال جو گهر، زمان پارڪ جو 8 ڪينال جو گهر ۽ سندس گهر واري جي بني گالا جي 3 ڪينال جي گهر ۾ صرف 5 لک رپين جو فرنيچر ظاهر ڪيو، هڪ تولو سون به ان ظاهر نه ڪيو پر پنهنجي ڊڪليئريشن ۾ هر سال 2 ٻڪريون ايمانداري ??ان ظاهر ڪيون. هن چيو ته هڪ چور 15 مهينن ??ان پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ڀڄندو رهيو، عمران خان کي گهڙيون، ڊائمنڊ سيٽ ۽ منڊيون تحفي ۾ مليون ۽ تحفه خريد ڪرڻ ??ان پهرين وڪرو ڪيا ۽ سڄي ڪيس ۾ گهڙي وڪڻڻ جو ڪو به ثبوت نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته 9 مئي جو واقعو ڇو ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ چور پنهنجي احتساب ??ان ڀڄي رهيو هو، جنهن قانون آڏو پيش ٿيڻ تي جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ڪيو، پوليس گرفتاري وارنٽ کڻي وئي ته ان تي پيٽرول بمن ??ان حملو ڪي?? ويو. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس، فارن فنڊنگ ڪيس ۽ سائفر جي ڪوڙ جي سزا به اڃا باقي آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ عمران خان جي گرفتاري کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ درست ناهي، نواز شريف 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم رهيو آ??ي، ان جو پاناما ۾ نالو نه هو پر ان شخص هن تي الزام لڳايو جنهن تي نواز شريف سپريم ڪورٽ کي پاڻ خط لکي چيو هو ته منهنجو احتساب ڪيو، مان ملڪ جو وزيراعظم آهيان مون تي ڪوڙو الزام لڳو آ??ي. نواز شريف پنهنجي خاندان جو 40 سالن جو حساب ڏنو، نواز شريف کي چونڊ وڙهڻ ??ان روڪي?? ويو ۽ پارٽي صدارت تان هٽاي?? ويو. هن چيو ته عمران خان وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي قومي خزاني کي لٽيو هي فارن ايجنٽ آهي جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندو آ??ي پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ فساد ڪرائيندو آ??ي. هن چيو ته عمران خان کي حڪومت گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن حڪومتي اداري ان خلاف فيصلو ڏنو آ??ي. جيڪڏهن حڪومت کي عمران خان کي گرفتار ڪرڻو هجي ها ته اپريل 2022ع ۾ گرفتار ڪري ها پر ا??ان جو مقصد سياسي انتقام نه پر ملڪ جو معاشي استحڪام هو. هن چيو ته عمران خان 9 مئي جي واقعن جو سڄو ملبو پنهنجي ورڪرن تي وڌو، عوام کي خبر هئڻ گهرجي ته عمران خان وٽ جواب نه هو، ان ڪري هو دٻي، بالٽي ۽ ڪنستر وجهي ڪري عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو. عمران خان پنهنجي خلاف سڀني ڪيسن ۾ ڪوڙا بيان جمع ڪرايا، ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ 9 مئي جي واقعن جي منصوبا بندي ڪئي، حساس عمارتن تي حملا ڪرايا، ميٽرو بسون ساڙيون، ??سڪول ساڙيا، اسپتالون ساڙيون، ??يمبولينسون ساڙيون چور ??ان گڏ ڪير به ناهي بيهندو ان کي اڪيلي ئي جيل وڃڻو هوندو آ??ي ۽ اڄ اهو ئي ٿيو آ??ي. هن چيو ته عمران خان ڪوڙ کي سچ ثابت ڪندو رهيو، ڪوڙ ڪڏهن به سچ ثابت ناهي ٿيندو، عدالت جو فيصلو اچي چڪو آ??ي ۽ ان جي فيصلي تي عملدرآمد ڪي?? ويو آ??ي. عمران خان جي گرفتاري بابت سوال تي هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري جو سياست ??ان ڪو به تعلق ناهي. جيڪڏهن ڪو سياسي ڪارڪن يا ورڪر چوري ڪندو آ??ي ته ان کي معاف نٿو ڪري سگهجي. ڇا اليڪشن ??ان پهرين سڀني چورن جي سزا روڪي وڃي؟ عمران خان پنهنجي دفاع ۾ صرف اهو ئي چوندو رهيو ته مون کي خبر ناهي، منهنجي ايم ايس ??ان پڇو.هن چيو ته عمران خان 190 ملين ڪيس ۾ پنهنجي ڪابينه ميمبرن تي الزام لڳائيندو آ??ي ته انهن فيصلو ڪيو هو. عمران خان ملڪ جي ڪابينه ۽ قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو. 4 سال وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي قومي خزاني کي لٽيندو رهيو. هن 4 سال سموري مخالف ڌر کي جيلن ۾ بند ڪري حڪومت ڪئي،هن چيو ته اڄ هڪ چور گرفتار ٿيو آ??ي، چور ??ان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، چونڊن جي حوالي ??ان هن چيو ته چونڊ ٿيندي ۽ عوام ان کي ئي ووٽ ڏيندو جنهن قومي خزاني جي چورن کي پڪڙيو آ??ي ۽ عوام کي رليف ڏنو آ??ي. ان ??ان اڳ پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ميڊيا ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حوالي ??ان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي وضاحت ڪندي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ 11 وڳي طلب ڪي?? ويو هو. بلوچستان جي وڏي وزير جي دير ??ان پهچڻ سبب اجلاس ۾ 2 ڪلاڪ وقفو ڪيو، اڍائي وڳي اجلاس ٻيهر شروع ٿيندو، اجلاس جي ايجنڊا آئيٽمز تي اڃا تائين ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو.
عمران خان جي گرفتاري جو اليڪشن يا سياست سان ڪو به تعلق ناهي، عمران خان کي چوري تي عدالت مان سزا ملي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج