اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي ج?? خلاف جنگ ۾ فت?? جو نشان آهي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ ده??ت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني بهادر قوم مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪستان جي 34 هين راندين جي قومي مقابلن جو افتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي رانديون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته انهن راندين جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪستان انهن راندين جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ ??و ڏينهن ان لاءِ به انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته انهن راندين جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي ج?? خلاف جنگ ۾ فت?? جو نشان آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ مان آيل 6000 رانديگرن سان ڀريل ايوب اسٽيڊيم ستارن جي هڪ ڪهڪشان جو منظر پيش ڪري رهيو هو، مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻ?? خوشي ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن راندين جو انعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ ده??ت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني قوم هڪ بهادر قوم آهي جيڪا مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.
ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے