اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسل??مي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ تحقيق جي فروغ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جي مدد جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي وسيلن جي انتظام، ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسل??مي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد ۽ صدر جو سيڪريٽري وقار احمد پڻ موجود هئا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر سليم ايم الملڪ کي اسل??مي ملڪن جي وچ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ قائداعظم يونيورستي پاران پي ايڇ ??ي جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ان موقعي تي خ??اب ڪندي صدر 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالم اسلام پاران سائبر سيڪيورٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي. هن چيو ته يونيورسٽين کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن آن لائين تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪا گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن جي لاءِ پهچ جوڳي به آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته اسل??مي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم، تعليم، سائنس ۽ ثقافتج ي شعبن ۾ اسل??مي دنيا جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهو موجوده دور جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ ٺوس اسل??مي ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
پاڻي وسيلن جي انتظام، ماحوليات سان لاڳاپيل مسئلن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان وڌايو وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ