اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآءَ محي الدين هڪ اهڙو ??دبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي. پنهنجي تعزيتي ب??ان ۾ هن چيو ته ضيآءَ محي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي ب?? ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تان ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته پنهنجي خوبصورت آواز ۾ اردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضياءَ محي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمت?? کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضياءَ محي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئير?? کي صبر جميل عطا فرمائي.
اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب پاران ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری