اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو س??ڀالڻ تي مب??رڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حافظ حفيظ الرحمان وزيراعظم کي عهدو س??ڀالڻ تي مب??رڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ليس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽريفڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان نه رڳو س??احت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون سڄو سال بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. حافظ حفيظ الرحمان ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح عوام جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪاري دور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي نظرانداز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ ??وم جي خدمت جو س??ر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں