اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??ورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، اسلام وراثت ۾ عورتن کي حق ڏنا آهن، عورتن جي تعل??م جي حوالي سان احساس پروگرام انتهائي موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عورتون آءِ ٽي جي ذريعي گهر ويٺي روزگار ڪمائي رهيون آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار صنفي برابري جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام آڪسفيم پاڪستان ڪ??و هو جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، غيرسرڪاري تنظيمن جي نمائندن، سفارتڪارن، آڪسف??م جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي نمائندن تي زور ڏنو ته ??هي صنفي برابري ۽ عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عورتن جي رهنمائي ڪن. هن چيو ته ??نفارميشن ٽيڪنالاجي عورتن کي گهر ويٺي بااختيار بڻايو آهي ۽ اهي پاڻ روزگار ڪمائي رهيون آهن. صدر چيو ته ??ورتن کي وراثت سميت انهن جا حق ڏيڻ جي لاءِ معاشري ۾ هر سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي، حڪومت احساس پروگرام ۾ عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بنائڻ تي پنهنجو ڌيان ڏنو آهي. صدر چيو ته ??عليم کانسواءِ عورتن جي ترقي ممڪن نه آهي، بئنڪون عورتن کي ڪاروبار جي لاءِ 10 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏئي رهيون آهن، ملڪ ۾ عورتن کي بنيادي سطح ۽ اسيمبلين ۾ نمائندگي حاصل آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي مذهب جي نالي تي نشانو بڻايو پيو ??ڃي?? اسلام برابري جو درس ڏي ٿو، اسلام ڪنهن جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي.
عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ