اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا ل??ءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سينيٽ چيئرمين چيو ته ضرورت ان ڳال??ه جي آهي ته موثر سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار جي مقرري سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين سان سندس ڏاڏيءِ ?? ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آمريڪا ل??ءِ نامزد سفير سردار مسعود خان سينيٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موثر طريقي سان نمائندگي جي عزم کي ورجايو.