اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ??ريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گناورڌني ۽ ع??ائ??ائي تعاون جي رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻي رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم ع??ائ??ائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ??يا??ت، زراعت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موج??د آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڪيترائي معاهدا موج??د آهن، ??نهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان، ??ارڪ فورم جي حوالي سان به سريلنڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان واقعي جي ذميدارن کي قرار واقعي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران کنيل قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر بندولا گناورڌني حڪومت پاڪستان پاران سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي خاطري ۽ معاوضي جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال ??يبروري 2021ع ۾ وزيراعظم سان سريلنڪا جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير پاڪستان سريلنڪا جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ٻطرفي واپاري تعاون جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ع??ائ??ائي امن، ??رقي، حصيداري ۽ رابطن جي فروغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، واپاري چيمبرز جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقاتن جي فروغ تي اتفاق ۽ ع??ائ??ائي ۽ عالمي فورمن جي سمورن سطحن تي تعاون جي ذريعي ع??ائ??ائي امن، ??رقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر گناورڌنا سريلنڪا جي واپاري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
پاڪستان، سريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب