اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ??شم??ر جي خاص حيثيت جي خاتمي ذ??يع?? ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ارادن جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ??ن مهم ذ??يع?? عالمي برادري ۽ عالمي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ??شم??ر جي صورتحال کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ??شم??ر ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ??شم??ر ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي سطح تي سفار??ي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پرڏيهي ??زيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذ??يع?? والاريل ??شم??ر ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀار??ي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي ??زير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪيو.
ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت