اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ويهي ڳالهين سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، موجوده صورتحال جي گهرج آهي ته ڀارت عقل ۽ حڪمت عملي کان ڪم وٺي ڇو ته ٻئي ملڪ جهڙي طرح هٿيارن سان ليس آهن، ڪنهن غلط اندازي جي سٽ نٿا سگهي سگهن، ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو ته صورتحال قابو ۾ نه رهندي، ڀارت کي ٻڌايو آهي ته اسان ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، هو هتي اچي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا ته اسان به ڪري سگهون ٿا. سرڪاري ٽيلي ??يزن تي قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم گذريل ڏينهن پيد?? ٿيندڙ صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندي چيو ته اسان پلواما و??قع?? کانپوءِ ڀارت کي آڇ ڪئي ته اسان ڪنهن به قسم جي جاچ جي لا??ِ تيار آهيون.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن