تهران- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ايران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو شام تي اسرائيلي فوج جي قبضي کي روڪڻ لاءِ ف??ري قدم کڻي. اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغي هڪ بيان ۾ چئي. هن شام جي زمين تي اسرائي??ي حڪومت جي فوجي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اهي حملا هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا جڏهن شام جو عوام صدر بشارالاسد جي اقتدار جي خاتمي سبب ٿيل تبديلين کي من??ن ڏئي رهيو آهي. هن ان جارحيت کي گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ور??ي قرار ڏيندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو جارحيت کي روڪڻ ۽ قابض حڪومت کي ان جو ذميوار قرار ڏيندي فوري طورتي قدم کڻي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون