گڏيل قومون-29 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي فوڊ ايجنسي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) ??يو آهي ته جنگ سبب تباهه ٿيل غزه ۾ اسرائيلي فوج ط??فان ملٽري چيڪ پوائنٽ ويجهو فائرنگ ۾ گاڏي کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ پنهنجي عملي جي چرپر کي ٻئي ??ڪم تائين معطل ڪري رهيا آهيون. ڊبليو ايف پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سنڊي ميڪ ڪين ڪالهه اٽلي جي گادي واري شهر روم مان جاري هڪ بيان ۾ ??يو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ اداري جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ جو واقعو مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي جنهن غزه ۾ ڊبليو ايف پي جي ٽيم جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن اسرائيلي عملدارن ۽ تڪرار جي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ سمورن امدادي ڪارڪنن جي حفا??ت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن. ڊبليو ايف پي ??يو ته حملي ۾ ڪو به زخمي ناهي ٿيو. ڪا??هو??ي واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته موجوده ڊي ڪنفليڪشن سسٽم ناڪام ٿي رهيو آهي ۽ اهو وڌيڪ نٿو هلي سگهي. گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي ٽيم اڱاري جي رات هڪ مشن سان اداري جي ٻن بڪتر بند گاڏين سان غزه جي مرڪزي علائقي ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي قافلي کي وٺي واپس اچي رهي هئي ??ه اسرائيلي فوج گاڏي کي سڌي ريت فائرنگ جو نشانو بڻايو جڏهن ته گاڏي چيڪ پوائنٽ طرف وڌي رهي هئي، وادي غزه پل تي ان چوڪي کان رڳو ڪجهه ميٽر جي فاصلي تي ڊبليو ايف پي اطلاع ڏنو ته گاڏي تي گهٽ ۾ گهٽ 10 گوليون فائر ڪيون ويون، گڏيل قومن جي فوڊ ايجنسي ??يو ته غزه پهرين ئي نازڪ صورتحال محدود وسيلن ۽ وڌندڙ خطرن سبب وڌي وئي ??هي، جنهن سبب فلسطينين کي خوراڪ جي فراهمي گهٽ ٿي رهي آهي. ڊبليو ايف پي موجب انساني همدري جا ڪارڪن تيزي سان اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي زد ۾ اچي رهيا آهن ۽ کين غزه ۾ زندگي بچائيندڙ امداد پهچائڻ لاءِ ڪيترائي چئلينج درپيش آهن.
گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام غزه ۾ امدادي آپريشنز معطل ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج