نيويارڪ- 08 جون (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ ٻارن خلاف انساني حقن جي سنگين خلا?? ورزين تي اسرائيل کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي،ميڊيا رپورٽن موجب ??ها لسٽ جنهن کي ”لسٽ آف شيم“ به چيو وڃي ٿو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس جي آفيس پاران پيش ڪيل سالياني رپورٽ سان ڳنڍيل آهي جنهن ۾ جنگ دوران ٻارن خلاف انساني حقن جي خلا?? ورزين بابت لکيو ويو آهي.گڏيل قومن پاران اها رپورٽ جون جي آخر تائين شايع ڪئي ويندي. گذريل هفتي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ??يڇ او) چيو آهي ته غزه ۾ 5 ٻار 72 ڪلاڪن تائين کائڻ پيئڻ کان محروم رهيا،فلسطيني حڪومت موجب 32 انسان جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي غزه ۾ جنگ جي شروعات ک??ن وٺي هن وقت تائين خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب