پئرس-31 مئي (اي پي پي) فرانس جي پارليامينٽ ۾ فلس??ين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي کي منهن ڏيندڙ انتهائي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ جي پارليامينٽ ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو چيو آهي ??ه هو قومي اسيمبلي جي قاعدن جي پابندي بدران تاريخ کي درست رخ تي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو. اردو نيوز موجب پارليامينٽ جي ه??ٺين ايوان جي اجلاس دوران فلس??ين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ (ايل ايف آءِ) جي ميمبر سيبا سٽين ڊيلوگو جي ٻن هفتن لاءِ ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي. هن فلس??ين جي حق ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رائٽرز کي ٻڌايو ته اهو پهريون ڀيرو آهي ??ه ڪنهن ٻئي ملڪ جو جهنڊو اسيمبلي ۾ ڦڙڪايو ويو آهي، پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ??ن کي نظر ۾ رکندي هي ??لڪل درست قدم کنيو آهي. اوهان ڏسو ٿا ته روم سمنڊ جي ٻئي پاسي اسان جهڙن ئي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، کاٻي ڌر جي پارٽي فرانس انبوڊ فلسطينين جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي ??هي ۽ ان مسئلي کي 9 جون تي يورپين پارليامينٽ لاءِ ٿيندڙ چونڊ مهم جو مرڪزي حصو بڻايو آهي. ايل ايف اي جي ڪجهه اڳواڻن ان تي يهود دشمني جو الزام لڳايو آهي پر پارٽي انهن الزامن کي رد ڪري ٿي. فرانسيسي صدر ايڪس تي جاري بيان ۾ رفح کي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ??پريشن بند ٿيڻ گهرجي تنهن هوندي به سيبا سٽين ڊيلوگو جو چوڻ آهي ??ه حڪومت ان آپريشن کي روڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش نه ڪري رهي ??هي. هن چيو ته هو غزه ۾ جاري قدمن تي فرانس کي به قصور وارو بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته فرانس هن وقت تائين اسرائيل کي ه??يار فراهم ڪري رهيو آهي ??نهن جو مطلب آهي ??ه فرانس ان قتل عام ۾ شريڪ آهي، ان کان ??ڳ فرانس جي دفاع واري وزير چيو ته فرانس اسرائيل کي ه??يار موڪلڻ بند نه ڪندو، خيال رهي ??ه فرانس جي پارليامينٽ جي قاعدي موجب پارليامينٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي آهي.
پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ غزه ۾ قتل عام خلاف احتجاج هو: فرانس جو پارليامينٽ ميمبر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار