واشنگٽن -12 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي ??ات?? جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي، ته آمريڪا پاڪستان ۾ آزاداڻا چونڊن تي زور ڏنو آهي پر هو ڪنهن به سياسي پارٽي يا هڪ اميدوار جي حمايت نه ٿو ڪري. برطانوي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه پرڏيهي ??ات?? جي معمول جي نيوز بريفنگ ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چئي آهي. اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم کان پاڪستان ۾ چونڊن جي نگران اداري اليڪشن ڪميشن جي سرب??اه?? سان هاڻوڪي ملاقات بابت جڏهن سوال پڇيو ويو ته هن صحافي کي ان حوالي سان اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني سان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته اميد آهي ته سفارتخانو ان جو صحيح جواب ڏيندو، جڏهن ته ميٿيو ملر صحافي کي چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته اوهان ڪيڏانهن اشارو ڪري رهيا آهيو پر ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪيان ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته آمريڪا پاڪستان ۾ چونڊن جي نتيجن جي حوالي سان ڪو به موقف اختيار ناهي ڪندو. ميٿيو ملر چيو ته اسان پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا ??نهن اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون پر اسان يقينن پاڪستان ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ لاءِ ضرور زور ڀريندا آهي، جيئن اسان سڄي دنيا لاءِ ڪندا آهيون.
پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار