اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته عمري جا اجازت ناما رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ دستياب هوندا ۽ خواهشمند ماڻهو ”نسڪ“ يا ”تو ڪلنا سروسز“ اپيليڪيشنز ذريعي پنهنجي عمري جي بڪنگ ??رائي سگهن ٿا. سعودي خابرو اداري موجب حج واري وزارت انڪشاف ڪيو هو ته رمضان جي مهيني ۾ عمرو صرف هڪ ڀيرو مختصر ڪيو ويندو ته جيئن وڌ کان وڌ مسلمانن کي سڪ??ن ۽ آساني سان عمري جي ادائيگي جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. اجازت نامن جي حوالي سان حج واري وزارت چيو ته عمري جي تاريخن ۾ ترميم ڪرڻ جي ڪا خصوصيت ناهي، پر پرمٽ کانپوءِ عمري جي ادائيگي جي وقت ۾ داخل ٿيڻ ۽ نئون پرمٽ جاري ڪرڻ کان پهرين ”نسڪ“ ايپ ذريعي بڪنگ رد ڪري سگهجي ٿي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته حج ۽ عمري واري وزار ان کان اڳ تصديق ڪئي هئي ته حرمين شريفين ۾ نماز ??دا ڪرڻ لاءِ اجازت نامو محفوظ رکڻ ضروري ناهي، ان کانسواءِ ڪورونا وبا سبب متاثر يا ڪنهن ٻي مريض سان نه مليو هجي.
رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ عمري جا اجازت ناما دستياب هوندا: حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena