اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي اس??حڪام جو سبب بڻجندو، قرضن ??ان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب آءِ ايم ايف پاڪستان سان 37 مهينن جي قرض پروگرام تي آمادگي جو اظهار ڪيو، جنهن تحت پاڪستان کي 7 ارب آمريڪي ڊالرز ملندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا، مشڪل فيصلن جا ثمر معاشي اس??حڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي آءِ ايم ايف جو ٿورائتو آهيان. حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري رکيون پئي اچي، آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن سان گڏوگڏ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪيو ويندو، گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا ۽ معاشي اس??حڪام کي هٿي حاصل ٿي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سميت سموري معاشي ٽيم ۽ صوبن جي وڏن وزيرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي اس??حڪام جو سبب بڻجندو، انشا الله قرضن مان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اس??حڪام ??ان مضبوط ۽ پائيدار بحالي طرف وٺي وڃڻ اس??ن جو عزم آهي، ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي، جنهن ڏينهن اس??ن قرضن مان نجات حاصل ڪنداسين. حڪومت معاشي سڌارن جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳيان وڌائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن سان ملڪ جي اقتصادي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ پائيدار ترق?? ۽ ??وشحالي جي راهن جو تعين ڪرڻ سان مدد ملندي. حڪومت پاليسي سڌارن ۽ مالياتي هدف کي سختي سان عملدرآمد ڪري ملڪ جي گهٽ آمدني واري طبقي جو سهارو بڻي. وزيراعظم چيو ته اس??ن معيشت ۾ بهتري لاءِ ايڪسچينج ريت کي مستحڪم ڪيو، پائيدار اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پاڪستان کي اس??حڪام جي مرحلي ??ان اڳتي وٺي وڃي طاقتور معيشت طرف وڃڻو پوندو. انشا الله اس??ن جي قدمن سان معاشي ترقي جو سفر مڪمل ٿيندو.
مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو، قرضن مان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دورو جلد ايندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت