ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ??اڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي را??ون?? ٽيبل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم شهباز شريف را??ون?? ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي يو اي اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته ??ختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم ج?? هدايت تي معيشت، گورننس ۽ سوسائٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ??اڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري ??انسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي پاڪستاني ۽ اماراتي آءِ ٽي ڪمپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania