اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽيو، 2018ع ۾ ٺهندڙ حڪومت جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي عملدرآمد کي روڪيو ويو، ڪالعدم تنظيمن ??ان ڳالهين کي ترجيح ڏني وئي، حڪومت دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۾ پوري طرح سرگرم آهي، وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبن ??ان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ خودڪش بم ڌماڪن، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪشمور ۾ گولي هڻڻ جي واقعن ۾ اضافي بابت نگهت شڪيل خان، سيد وسيم حسين، رعنا انصار ۽ سبين غوري جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته پشاور ۾ اي پي ايس تي حملي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان متعارف ڪرايو ويو، سمورن صوبن ان تي عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو، آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽيو ويو، ان جي نتيجي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي، اهو تاريخ جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ چونڊن کانپوءِ وفاق ۽ پنجا?? ۾ ??يڪي حڪومتون ٺهيون، انهن نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي ??ان ڪا ميٽنگ نه ڪئي جنهن جو عدالت نوٽيس ورتو ته 2018ع کان وٺي 2022ع جي وچ ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي لاڳو ڪرڻ ۾ ڪمزوري ڇو آئي؟ وفاقي وزير چيو ته ان وقت جي حڪومت دهشتگردن ??ان ڳالهين کي ترجيح ڏني ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي لاڳو کي روڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته 2022ع ۾ خطي مان اتحادي فوج جي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۾ پوري طرح سرگرم آهي. حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي ??ان سمورن صوبن ??ان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي حڪومت آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي ??ان وفاقي حڪومت صوبي ??ان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ اتحادي فوج جي انخلا کانپوءِ ٺهندڙ صورتحال پڻ خودڪش حملن ۾ اضافي جو سبب بڻي، ان کانسواءِ هٿياربند بلوچ تنظيمون پڻ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن، پاڪستان جي حڪومت انٽيلي جنس جي بنياد تي دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، ان ??ان گڏوگڏ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو پڻ ورتو پيو وڃي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ بهتري آندي پئي وڃي ۽ ان تي پشاور ۾ ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم ڪالهه ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ اتي سيف سٽي جي حوالي ??ان ڳالهه ڪئي، وزيراعظم جو موقف هو ته جڏهن اسلام آباد ۽ لاهور ۾ اهو نظام موجود آهي ۽ ان ??ان امن امان جي صورتحال تمام گهڻي بهتري آئي ته اهڙي طرح جو نيٽ ورڪ ڪراچي ۾ به هجڻ گهرجي، ان تي سنڌ جي وڏي وزير يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ به سيف سٽي جو نظام قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڪائونٽر وائلنس ايڪسٽريمزم پاليسي 2024ع جو مسودو ڪابينا ۾ پهچايو ويو آهي ۽ ان جي منظوري ٿي ويندي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ هائوس جي ٻنهي طرفن کان گڏجي آواز اچڻ گهرجي ۽ هن ايوان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ متحد ٿيڻ گهرجي ڇو ته جڏهن ??ا لاش ڪري ٿي ته اهو پاڪستانين جو رت هوندو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ۾ اسمگلرن ڪسٽم جي اهلڪارن کي شهيد ڪيو، انهن جي لاءِ شهداءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت کي دهشتگردي جي حوالي ??ان پورو ادراڪ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوج ۽ انٽيلي جنس بيورو صوبن ??ان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ وقت ??ان گڏوگڏ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ايندي. نگهت شڪيل جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن ۾ امن امان قائم ڪرڻ صوبن جي ذميواري آهي، ان جي باوجود ا??ان سموريون صوبائي حڪومتن ??ان تعاون ڪري رهيا آهيون. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڪشمور ۾ امن امان بابت معاملا صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي. رعنا انصار جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته صوبن ۾ امن امان جي حوالي ??ان وڏن وزيرن ??ان ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، تازو ئي چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي ??ان اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ چار ئي وڏا وزير موجود هئا، ڪالهه ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا جا ميمبر پڻ موجود هئا. هن چيو ته ڪائونٽر ٽيررازم ۽ سيف سٽي جي حوالي ??ان وفاقي حڪومت تعاون فراهم ڪندي. سيد وسيم حسين جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ امن امان جو معاملو صوبائي حڪومت آڏو کڻڻ گهرجي، وفاقي حڪومت به صوبن آڏو اهو معاملو اٿاريندي. سبين غوري جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته جتي دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن اتي معاوضن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي ۽ حڪومت ان تي عمل پيرا به آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جيڪي اهلڪار شهيد ٿين ٿا انهن جي لاءِ به معاوضن جو طريقيڪار موجود آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت موبائيل سنيچنگ جهڙن واقعن تي معاوضن جي پاليسي جو اعلان ڪندي ته اهو صوبن جي معاملن ۾ مداخلت هوندي.
آپريشن ضرب عضب ۽ رد الفساد جي ذريعي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽيو، 2018ع ۾ ٺهندڙ حڪومت جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي عملدرآمد کي روڪيو ويو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا