اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن تي تاجڪ صدر جا ٿورا م??يا. وزيراعظم شهباز شري?? 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي گذريل دوري کي ??اد ڪندي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا م??يا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪي??. ت??جڪ صدر اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن ??ي وزيراعظم ٿورا م??يا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری