اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گم ٿيل بلوچ ماڻهن جي ڪيس ۾ عدالتي حڪم جي تعميل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جسٽس محس?? اختر ڪياني گم ٿيل شاگردن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نگران گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز خان ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ پڻ موجود هئا. ٻڌڻي دوران نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪر?? رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان سان تعلق هجڻ جي ڪر?? مون کي صوبي ۾ ان صورتحال بابت وڌيڪ ڄاڻ آهي. اتي ماڻهن کي هٿياربند مزاحمت درپيش آهي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ غيررياستي عنصرن جون سرگرميون پڻ سامهون آيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس جيڪو هڪ انڪوائري جي سربراهي ڪر?? رهيو هو، کي عسڪريت پسندن شهيد ڪر?? ڇڏيو هو. هن چيو ته بلوچستان کي ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي درپيش آهي. هن زور ڏنو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??مو??ين سياسي پارٽين کي گڏجي ان مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته آئين ??مو??ن شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو ۽ انهن کي رياست سان غيرمشروط وفاداري جو مظاهرو ڪرڻ جو پابند پڻ ڪر?? ٿو. جسٽس محس?? اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته عدالت ٻن سالن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جون ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ڪيون ۽ نشاندهي ڪئي ته گرفتارين کي رڪارڊ تي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو ڪر??ڊٽ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃي ٿو. اٽارني جنرل پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 11 شاگرد بازياب ٿي چڪا آهن. انهن جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 9 ماڻهو ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي تحويل ۾ هئا ۽ ٻه ماڻهو افغانستان هليا ويا هئا. عدالت عملدارن کي هدايت ڪئي ته سي ٽي ڊي جي تحويل ۾ م??جود ماڻهن جي خلاف ڪيسن جا تفصيل درخواستگذار کي فراهم ڪيا وڃن.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گم ٿيل بلوچ ماڻهن جي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت