راولپنڊي-13 نومبر (اي پي پي) اتر وزيرستان جي علا??قي مير علي ۾ دهشتگردن سان چڪرين ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي پيا. آءِ ايس پي آر مطابق 12 ۽ 13 نومبر جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي جي علا??قي ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بنايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي عبدالله (عمر 25 سال، رهائشي مردان)، سپاهي محمد سهيل (عمر 19 سال، رهائشي ٿرپارڪر) شهيد ٿي ويا. علا??قي ۾ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعن?? کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ??سا?? جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون ??سا?? جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن سان چڪرين ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ