اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگ??ان حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات و??ري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻ??لهه ڪندي اطلاعات و??ري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته نگ??ان حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگ??ان حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگ??ان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ