نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هل??دڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو?? حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي خاتمي، صنفي برابري، غذائيت ۽ مالياتي شموليت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته هل??دڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نگران حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهن. بل گيٽس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اولين ترجيح آهي. هن خاص طور تي افغانستان سان سرحد پار منتقلي کي روڪڻ ۽ ڏکڻ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ نگران حڪومت تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پوليو وائرس جي منتقلي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکندا. هن پاڪستان ۾ غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي ڪوششن کي بهتر ??ڻائڻ جي لاءِ جدت سان ڀرپُور ۽ تسليم ٿيل طريقن کي سگهه ڏيڻ ۾ نگران وزيراعظم کي حمايت جو يقين ڏيا??يو. نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس ان ڳالهه تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته ڪهڙي طرح انهن ترجيحن ۾ بهتري صنفي برابري جي ڪوششن کي بهتر ??ڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي صحت، ماليات ۽ مستقبل کي ترجيح ڏئي سگهن ۽ پنهنجي معاشرن ۾ رهنما بڻجي سگهن.
اميد ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ