گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت اچڻ تي نگران وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو ??ورنر سيد مهدي شاهه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان نگران وزيراعظم کي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نگران وزيراعظم اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن شاگر??ن جي ٺاهيل مختلف ماڊلز جو معائنو ڪيو. هن شاگر??ن جي پينٽنگز، تعليمي، س??ئنسي ۽ توانائي بابت ماڊلز ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ماڊلز ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ استا??ن جي خدمتن کي ساراهيو. هن هڪ شاگردياڻي جي سائنسي ماڊل کي ساراهيندي ان کي ت??ريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم شاگردياڻين کان موسمياتي ت??ديلي جي اثرن بابت سوال ڪيا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي ٻارن ۾ سائنس جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ يادگار شهداءِ تي حاضري، فاتحه خواني، گل چاڙهيا
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن