لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جم??عت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم جم??عت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. محمد شهباز شريف جي يو آءِ جي امير مولانا ضيا الله جان سميت ٻي?? عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن اسلام، قرآن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙن کي نشانو بنايو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستان جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم جيو جي ڪيمرامين سميع الله سميت ڌماڪي ۾ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ ??نه?? پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ج?? به هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت، مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر